2

سراج الحق کا دورہ ۔۔ سندھ کے لیئے ٹھنڈی ہوا کا جھونکا

مِثِل ۔۔۔۔۔۔۔۔ محمد صالح ميرجت

حصو پهريون:  هونءَ ته جماعت اسلامي سنڌ ۾‌ پنهنجي وجود جي شروعاتي زماني کان قائم آهي پر هن وقت تائين عوامي جماعت يا عوام ۾ پنهنجو اثر قائم ڪرڻ‌ ۾‌مڪمل ناڪام نظر پئي آئي آهي ۔۔۔۔ جنهن جا انيڪ سبب ڳڻي سگهجن ٿا جن ۾‌ سڀ کان وڏو ۽ اهم سبب جماعت اسلامي جي خلاف مختلف قومپرست تنظيمن طرفان ڪيل ڪوڙي پروپيگنڊا ته شامل آهي ئي جنهن کي هميشه پيپل پارٽي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪيو آهي ۽ پي پي هميشه اهو ئي چاهيو آهي ته اها باھ ائين ئي ٻرندي رهي بلڪه جنهن وقت ته به پيپل پارٽي ڏٺو ته اها دودڙي وسڻ طرف وڃي رهي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وري ان کي ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۔۔۔۔۔۔ پوءِ انجا اهي روزانه جا ڪيل سنڌ دوستي وارا ڊرامه هجن يا پاڻ‌ کي اسٽيبلشمنٽ جي مخالف پارٽي سڏرائي عوامي جدوجهد جو جهانسو هجي يا شهيدن جي خون ذريعي همدرديون حاصل ڪري سنڌ جي ماڻهن جو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رت چوسيندي ٿي اچي ۽ پي پي ڪڏهن به سنڌ ۾‌پنهنجي مخالف طاقت لاءِ ڪو گهس کولڻ‌ پسند ناهي ڪيو ۔۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جو عوام دنيا جي ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ‌ته پري رهيو پر پنهنجي ئي ملڪ ۾‌ ٻين صوبن کان ترقي جي هر ميدان ۾‌ سئو سال پوئتي نظر ٿو اچي ۔۔۔۔۔ ته وري ٻئي طرف خود جماعت اسلامي جون به پاليسيون ڪي عوامي پاليسيون نه هئڻ‌ ڪري اهي عوام تائين پهچڻ ۽ عوامي همدردي حاصل ڪرڻ‌۾‌ناڪام رهيا آهين ۔۔۔۔ جهڙوڪ جماعت اسلامي سنڌ ۽ سنڌ جي مقامي مسئلن تي هميشه خاموشي اختيار ڪندي رهي آهي ته جي اسين سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائينداسين ته ڄڻ قومپرستن جي حمايت مثل هوندو ۔۔۔۔ حالانڪه اها انهن جي ڀُل هئي ۽ هاڻي هو به اها ڳالھ سمجهي چڪا آهن ته اسانکي هاڻي پنهنجي پاليسين تي غور ڪرڻو پوندو ۽ هاڻي جماعت اسلامي واضع طور تي عوامي اشوز تي جدوجهد ڪندي نظر اچي رهي آهي جيڪا مظلوم، غريب ۽ محڪوم ماڻهن لاءِ انتهائي اهميت جي حامل آهي ۔۔۔۔۔ ڇالاءِ ته ڪجھ به هجي جماعت اسلامي پاڪستان جي سياسي پارٽين ۾‌ هڪ منفرد ۽ منظم پارٽي آهي جنهن جو ڪارڪن توڙي هر سطح جو اڳواڻ انتهائي مخلص ۽ ايماندار هجي ٿو ۔۔۔ جن جي شرافت تي انهن جا مخالف به آڱر نه کڻي سگهندا آهن ۽ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾‌ڪوبه اهڙو ثبوت نه ٿو ملي جنهن جي ذريعي جماعت اسلامي کي ڪنهن ڪرپشن ۾ ملوث قرار ڏئي سگهجي ۔۔۔۔ حالانڪه پاڪستان ۾ ڪنهن به سطح تي حڪومت ڪندڙ سڀني پارٽين تي ڪرپشن جا هزارين الزام ۽ اربن جي ڪرپشن جا ثبوت گوجندا رهيا آهن ۽ انهن پارٽين جا اڳواڻ حڪومت ۾‌اچڻ‌ کان اڳ ڪک پتي به نه هئا ته حڪومت ۾ اچڻ سان اهي ڪروڙ پتي بڻيو وڃن ۔۔۔۔ پر ان کان به حيرت واري ڳالھ اها آهي ته پاڪستان ۾ اهڙيون به کوڙ سياسي جماعتون آهن جيڪي بظاهر حڪومت ۾ ته ناهن رهيون پر تنهن جي باوجود انهن جي ليڊرن ۽ ڪارڪنن تي ڪرپشن، ڀته خوري، ڦر لٽ، ڌاڙن، پلاٽن تي قبضن، قتل ۽ اغوا جا انيڪ ڪيس پڻ‌ آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر جماعت اسلامي منهنجي خيال ۾ پاڪستان جي واحد جماعت آهي جنهن جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ‌ اڇي اجري ڪپڙي مثل صاف ۽ شفاف آهن ۔۔۔۔۔ تنهن ڪري اهڙا ماڻهو ئي ڪنهن مظلوم کي انصاف، ڪنهن محڪوم کي آٿت ۽ ڪنهن غريب جو سهارو بڻجي سگهن ٿا ۔۔۔۔۔۔ باقي ۔۔۔۔۔ جيڪي وڏين وڏين گاڏين ۽ بنگلن ۾ زندگي گذارڻ وارا ڇا ڄاڻن ته هڪ غريب مزدور ۽ هاري روزانه ڪيترين پريشانين کي منهن ڏئي پنهنجو پيٽ گذر ٿو ڪري، انهن جي گهر جي چلھ ٻارڻ لاءِ انهن کي ڪهڙا جَتَن ٿا ڪرڻا پون ۔۔۔۔۔ ۽ ها هن وقت ان لاءِ به عوام کي جماعت اسلامي جي ضرورت آهي جو عوام ٻين سڀني ڌرين کي گذريم 40هن سالن کا آزمايو آهي جن سواءِ بک بدحال، ڪرپشن، ادارن جي تباهي، انساني بنيادي حقن جي لتاڙ جي ٻيو ڪجھ به نه ڏنو ۽ وري جڏهن جماعت اسلامي کي ڪجھ علائقن ۾ ڪجھ وقت لاءِ مليل اتحادي حڪومتن جو جائزو وٺنداسين ته اها ڳالھ واضع طور تي نظر ايندي ته انهن نه صرف ڪم ڪري ڏيکاريو پنهنجن پنهنجن علائقن ۾‌بلڪه بغير ڪنهن خيانت ۽ ڪرپشن جي ڏينهن اڻ ٿڪ محنت ذريعي نيون روايتون قائم ڪيون ۔۔۔۔۔۔ عبدالستار افغاني صاحب، سراج الحق، نعمت الله خان ۽ ٻيا گهڻا ئي اهڙا مثالي ڪردار رکندڙ عوامي نمائنده موجود آهن جن پنهنجي مليل ذميوارين کي انتهائي پاڪيزگي ۽ محنت سان ادا ڪري پنهنجي ملڪ جي اثاثن جي حفاظت ڪئي ۔۔۔۔۔۔ مرحوم عبدالستار افغاني صاحب جن جڏهن ڪراچي جا ميئر هئا ته اڄ به ڪراچي جا سينيئر شهري انا جا مثال ڏيندا آهن ۽ ان جي ايمانداري ۽ شرافت جو اهو حال آهي جو جنهن شخص ڪراچي کي روشنين جو شهر بڻايو ان شخص جو جنازو لياري جي هڪ ٻن ڪرن جي فليٽ ما کنيو ويو ۔۔۔۔ جيڪڏهن عبدالستار افغاني صاحب چاهي ها ته ڇا نه پئي ڪري سگهيو پنهنجي ذاتي ملڪيت کي اربن تبديل نه پئي ڪري سگهيو ۔۔۔۔؟؟؟ پر نه! هن شخص پاڻ کي هميشه پنهنجي اصلي حيثيت ۾ رکي صحابه جي سيرتن کي عملي طور تي زنده ڪري ڏيکاريو ۽ ڪجھ ماڻهن لاءِ اها ڳالھ اچرج جوڳي هوندي ته عبدالستار افغاني صاحب جن جي خاندان سان اسانجي مٽي مائٽي پڻ ٿيل آهي جنهن ڪري اسنجو انهن سان ٻچي ٻارين اچڻ وڃڻ دوران ان جي خاندان جي ڪجھ عورتن اسانجي عورتن کي ٻڌايو ته عبدالستار افغاني صاحب جن ڪراچي صدر جي خان بوٽ هائوس تي ڪم ڪندا هئا ۽ جماعت اسلامي انهن کي ڪيڏي وڏي مقام ۽ مرتبي تي پهچائي ڇڏيو ۔ نعمت الله خان جي ڪراچي وري ناظمي جي باري ۾ ڪنهن کي خبر ناهي ته نعمت الله خان ڪراچي کي وري ٻيهر اجڙيل ڪراچي کي روشنين ۽ رونقن جو شهر بڻائي ڇڏيو جنهن جو صرف آءُ هڪڙو ئي مثال ڏيندس ته جڏهن نعمت الله خان ڪراچي جي ناظمي جو حلف کنيو ته ان وقت ڪرائي جي بجيٽ 7 ارب هئي ۽ جڏهن نعمت الله جي 4 سالا ناظمي جو اختتام ٿيو ته ان وقت ان ڪراچي کي 44 اربن جي بجيٽ ڏئي پنهنجو وقت پورو ڪيو ۽ بغير ڪنهن ڪرپشن، اقرباءپروري، پروٽوڪول ۽ پگهار جي هن ڏينهن جا ارڙهن ڪلاڪ محنت ڪري ڪراچي کي ان مقام تي پهچايو ته پوءِ ٻڌايو ته اهڙا سچا ۽ سڌا ماڻهو ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي اهليت ٿا رکن يا اهڙا جن ملڪ کي لٽي ڦري پنهنجا بين بيلنس نه صرف پاڪستان ۾ پر ٻاهرين ملڪن ۾‌به ٺاهي ملڪ کي قرضن جي دلدل ۾ ڦاسائي ڀڄڻ وارا ٿا ڪري سگهن ۔۔۔۔ اوهين اهو به ضرور ڄاڻيندا هوندئو ته نعمت الله خان کان بعد آيل ناظم ڪراچي ڪهڙو حشر ڪيو هُن ڪو به اهڙو ميگا پروجيڪٽ ڪراچي نه ڏنو جيڪو نعمت الله خان جي هلندڙ پرجيڪٽن کان علاوه هجي بس ان صرف اهو ڪيو جو نعمت الله خان جي هلندڙ ته ٺهيو پوري ٿيل ڪافي سارن ڪمن تي به پنهنجا بورڊ هڻائي ڦوٽو سو ضرور ڪڍرايا جيڪا عالمِ آشڪار ڳالھ آهي پوري دنيا ۽ ڪراچي جو عوام ڄاڻي ٿو ته مصطفيٰ ڪمال جي ناظمي سواءِ ڪرپشن، اقرباءپروري، ۽ ڪراچي جي ادارن تي مخصوص هڪ لساني مافيا جي قبضي جي ٻئي ڪنهن ڪم جي نه هئي ۔۔۔۔۔۔ پر ڇا ڪجي سچ ڪوڙ جي ايڏي وڏي گوڙ گهمسان ۾ ڪنهن جي ڪنين ٿو پئي ۔۔۔۔۔۔۔ !!! ۽ وري اهڙو ئي مثالي ڪردار سراج الحق پنهنجي صوبي يعني ڪي پي ڪي ۾ ادا ڪري ڏيکاريو جڏهن ان کي صوبي جي سنيئر وزارت ۽ خزاني جي چاٻي ڏني وئي ۔۔۔۔۔۔ هن نه صرف پنهنجو فرض انتهائي فرض سناسي ۽ ايمانداري سان ادا ڪري پنهنجي قوم سان وفاداري ڪئي بلڪه پنهنجي صوبي جي حقن ۽ صوبي جي معدني وسيلن تي پڻ وفاق سان جنگ جوٽي ڪافي ڪجھ پنهنجي صوبي کي اڳ ڀرو ڪيائين حالانڪه هميشه سنڌ وانگر ڪي پي ڪي ۾ به حڪومت ڪندڙ طبقو ڪي پي ڪي جي عوام جي محرومين جا راڳ ڳائي انهن کي بيوقوف بڻائي ڪرسي تائين پهچندو رهيو آهي پر حقيقي طور تي جيڪو پنهنجي صوبي لاءِ ڪيس وڙهيو اهو سراج الحق وڙهيو پوءِ چاهي اهو بجلي جي مد ۾ وفاق ڏانهن رهتو رقم جي وصولي هجي يا ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت جي مخالفت جي صورت ۾‌هجي، پوءِ چاهي پنهنجي صوبي ۾ موجود معدني وسيلن جي رائلٽي جي مد ۾ رهيل رقم جي حاصلات جي صورت ۾‌هجي يا 4 نيون يونيورسٽيون قائم ڪرڻ‌ جي صورت ۾ هجي يا پوري صوبي جي تعليم ۽ صحت کي مفت ڪرڻ‌جي صورت ۾‌هجي سراج الحق ٻين سٺن ڪمن سان گڏوگڏ جيڪا بهتري پنهنجن ٻن شعبن تعليم ۽ صحت ۾‌ آندي انجو مثال پوري ملڪ ۾ نه ٿو ملي ۔۔۔۔ سراج الحق جي سادگي شرافت ۽ خدا خوفي جا ته ايترا مثال ڏئي سگهجن جا جن جو ڳاڻاپو به ڏکيو ٿي پوندو ۔۔۔۔ پر انهن سڀني خوبين جو سبب صرف هڪڙو آهي ۽ اهو اهو آهي ته اهي جنهن پارٽي سان تعلق رکن ٿا ان پارٽي جو تربيتي نظام ڪجھ اهڙو آهي جنهن سان تعلق رکندڙ هر شخص انهن خوبين جو مظهر هوندو آهي ڇوته انهن کي اهو سيکاريو ويندو آهي ته سياست صرف اقتدار حاصل ڪرڻ‌ لاءِ نه پر ماڻهن جي خدمت لاءِ ڪئي ويندي آهي ۽ اها خدمت ڪنهن انسان جي خوشنودي لاءِ نه پر رب جي رضا لاءِ ڪرڻ گهرجي ته پوءِ ٻڌايو ته اهڙا ماڻهو ڪيئن ٿا خدمت کان ڪيٻائي سگهن ۽ خدمت ڪرڻ‌ ۾ ذري برابر به پنهنجي ڪنهن لالچ کي شامل ٿا ڪري سگهن ۔۔۔۔۔۔ ان ڪري آءُ هڪ سنڌي جي حيثيت ۾ اهو سمجهان ٿو ته هاڻي اسانکي به پنهنجن روين کي تبديل ڪرڻو پوندو ۽ اسانکي به هاڻي شعور جو مظاهرو ڪندي پنهنج ٻچڙن جي مستقبل لاءِ بهترين ماڻهن جو انتخاب ڪرڻو پوندو ته جيئن اسانجي ٻچڙن کي به ڪا سٺي تعليم، روزگار، صحت جا سٺا انتظام ۽ امن ملي سگهي ۔۔۔۔۔ اسان سنڌين ڀلا ڏوھ ته ناهي ڪيو جو اسان جي نصيبن ۾ رڳو پي پي جهڙي ئي ڪرپٽ پارٽي جيڪا بظاهر ڪوڙا نعره ته عوام جا هڻي پر حقيقت ان جي ابتڙ يعني سڀ جو سڀ پالسيون عوام دشمن ۽ هر دفعي سنڌ ۽ سنڌن جي دشمن پارٽين کي پنهنجو اتحادي بڻائي سنڌ جو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وڪرو ويٺي ڪري ۔۔۔۔۔۔ هميشه جڏهن به اقتدار کان ٻاهر هجي ته سنڌ سنڌ ڪري جڏهن اقتدار ۾ اچي ته سڀ پاليسيون سنڌ دشمني تي ٻڌل هاڻي اهڙي قسم جون سنڌ جي ماڻهن سان مذاقون بند ٿيڻ گهرجن ۔۔۔۔ پر اهي تڏهن ئي ٿي سگهن ٿيو جڏهن اسين پاڻ اک پٽيئون ۽ بُري ۽ ڀلي ۾ فرق ڪرڻ سکون ۔۔۔۔۔۔۔ آخر سنڌ جي عوام جو ڪهڙو قصور آهي جو انهن کي ڪا سٺي پڙهيل لکيل ايماندار ۽ خدمتگار قيادت نه ملي ۔۔۔۔۔ ؟؟؟ ۽ هن وقت حقيقت ۾ سنڌ جي مظلوم عوام جي خدمت جيڪڏهن ڪا پارٽي ڪري سگهي ٿي ته اها جماعت اسلامي آهي جنهن ۾ ڪو به وڏيرو جاگيردار، ظالم، ڪرپٽ ۽ اڻ پڙهيل ڪونهي بلڪه جماعت اسلامي ته ملڪ جي اها پارٽي آهي جنهن ۾‌84 فيصد اعليٰ تعليم يافته ماڻهو آهن ۽ پاڪستان ۾ “پي ايڇ ڊي” ڪندڙن جي ڪل تعداد منجهان 57 فيصد جو تعلق جماعت اسلامي سان آهي جنهن ڪري ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ پڙهيل لکيل ماڻهن جي پارٽي جو اعزاز رکي ٿي۔ تنهن ڪري اسان کي به هاڻي پنهنجن سوچن کي بدلائي ڊگهارو سوچڻو پوندو۔۔۔ اسانکي هاڻي پاڻ کي پٽيوالي ۽ چوڪيداري جي ڪوڙن آرڊرن جي آسري پنهنجي زندگين سان کيڏڻ بند ڪرڻو پوندو۔۔۔۔ ماسترين ۽ سپاهگيرين جي آسري ۾ تَرَ جي وڏيرن جي بنگلن جي حاضري ۽ انهن جي هر جائز ناجائز ڳالهين جي حمايت ڪري پنهنجي نسلن سان غداري ڪرڻ‌ بجاءِ پنهنجي ٻچڙن کي صحيح تعليم ۽ تربيت ذريعي ميرٽ ۽ ايمانداري سيکاري سنڌ ۽ سنسن جو خدمت کي عبادت مثل سمجهڻ جو درس ڏيڻو پوندو تڏهن ئي اسين ڪا منزل ماڻي سگهنداسين ۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي نه ته ۔۔۔۔۔۔ جيئن اڄ اسين جيئن انهن ظالمن جي ڄار ۾‌ڦاٿل آهيون اسان جا ايدڙ نسل به ائين ئي ذلتن کي منهن ڏيندا رهندا ۽ اسانکي دعائن ڏيڻ بجاءِ پٽون ۽ پاراتا پيا ڏيندا ۔۔۔۔۔۔۔ خدارا اسان اڄ به جي غفلت جي ننڊ مان اٿي پنهنجو قومي فرض ادا نه ڪيو ته سڀاڻي اسان جا ٻچڙا به ائين ئي انهن اڻ پڙهيل ظالم وڏيرن جي بنگلن اڳيان ڪنهن پٽيوالي جي ڪڙي آرڊر لاءِ لکين روپيه جهليون قطارون ٺاهيون بيٺا هوندا پر ڪوبه انهن جي ٻڌڻ‌ وارو نه هوندو ۽ اهڙين ئي قطارن ۾ اسان جون نياڻيون انهن ظالمن راشي ۽ زانين اڳيان بينظير انڪم سپورٽ‌ جي ٻن هزارن لاءِ ڌِڪا پيون جهلينديون پر اهي به انهن کي نصيب نه ٿيندا ۔۔۔۔ ان لاءِ اسين اڳ به گهڻي غفلت ڪري چڪا آهيون هاڻي اسانکي پنهنجن حقن لاءِ اٿڻو پوندو ۔۔۔۔۔۔ جماعت اسلامي ۾ گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالھ ڪونهي ته چوي هڪڙي ڳالھ‌ ۽ ڪري ٻي ڳالھ جيئن پي پي هميشه اسان سان اهو ڪيو آهي ته جڏهن حڪومت کان ٻاهر ته قومپرستن جي چوڪڙي کي ملائي ڪالاباغ ڊيم نامنظور ذريعي بيوقوف بڻائي پنهنجي اليڪشن کٽڻ‌ جا هيلا ڪري جڏهن اليڪشن کٽي حڪومت ۾‌ پهچي ته اها ئي پي پي وري ڪالا باغ ڊيم لاءِ بجيٽ جو اعلان ڪندي ورتي ۔۔۔۔۔۔ اسين آخر ڪڏهن هنن سڀني حرفتن کي سمجهنداسين ۔۔۔۔ ؟؟؟ اسين آخر ڪڏهن پنهنجو پاڻ‌ لاءِ ۽ پنهنجي قوم لاءِ سوچينداسين ۔۔۔۔ ؟؟؟ آخر هنن جي ڏٽن دلاسن کان پنهنجي جان ڪڏهن ڇڏائينداسين ۔۔۔۔۔ ؟؟؟ جاري آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں